پوراني ميرڪ سيد محمد عبدالله

پوراني، ميرڪ سيد محمد عبدالله: ميرڪ سيد محمد عبدالله بن ميرڪ عبدالباقي پوراني 10 رمضان المبارڪ 972هه/11 اپريل 1565ع تي ڄائو، ان وقت هندستان تي جلال الدين محمد اڪبر بادشاهه جي حڪومت هئي، ميرڪ عبدالله سڄي حياتي سنڌ کان ٻاهر رهيو ۽ ڪيترن سرڪاري عهدن تي فائز رهيو. هيءُ شاهجهان بادشاهه جي درٻار ۾ وڏن عهدن تي رهيو ۽ بادشاهه جو مٿس وڏو اعتماد هو، ميرڪ عبدالله 1004 هه/ 1595ع ۾ لاهور ۾؛ 1008هه/ 1599ع ۾ آگري؛ 1010هه/ 1601ع ۾ جونپور ۽ 1013هه/ 1604ع ۾ الهه آباد ۾ ’شيخ الاسلام‘ جي عهدي تي رهيو. هيءُ فـارسـيءَ جـو شـاعر به هو، سندس ڪجهه شعرپوراني سادات سکر'>تذڪره پوراني سادات سکر‘ ۾ درج آهن، هن خواجا عبدالقادر جي نياڻيءَ بيبي سلطانه سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس 3 پٽ ۽ چار نياڻيون ٿيون، سندس پٽن مان ميرڪ عبدالعظيم پائنده بيگ ارغون جي ڌيءَ بيگم دوست سان شادي ڪئي. ميرڪ عبدالله پورانيءَ 62 ورهين جي ڄمار ۾ 27 صفر المظفر 1035هه/ 28 نومبر 1625ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1565.04.11  عيسوي

ميرڪ سيد محمد عبدالله بن ميرڪ عبدالباقي پوراني 10 رمضان المبارڪ 972هه/11 اپريل 1565ع تي ڄائو


1625.11.28  عيسوي

ميرڪ عبدالله پورانيءَ 62 ورهين جي ڄمار ۾ 27 صفر المظفر 1035هه/ 28 نومبر 1625ع ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بنو اميه
ٽانوري خالق ڏنو وڪيل
سوامي ڪيشوداس مهاراج
شجاعت علي بکري
بابر علي
سيٺ طيب علي علوي
بهليل شاهه
پير محمد هالائي
چانڊيو امام بخش اول
پير سخي عثمان شاهه
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون